سيد علي اڪبر شاهه

سيد علي اڪبر شاهه

سيد علي اڪبر شاهه

سيد علي اڪبر شاهه: سيد علي اڪبر شاهه، 2 فبروري 1901ع تي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾، سيد احمد شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ پرائمري تعليم جا چار درجا پرائمري اسڪول ميهڙ ۾ پڙهيو ۽ هاءِ اسڪول ۾ صرف ٽي درجا انگريزي پڙهيو. فارسي تعليم ۽ ناظره قرآن پاڪ مولوي عبدالوهاب ڪنڀر ڳوٺ گاهي مهيسر واري وٽ پڙهيو ۽ عربي صرف و نحو ۽ قرآني تعليم مولانا عبدالڪريم ديرويءَ کان حاصل ڪيائين، جنهن بعد ميهڙ جامع مسجد جو امام ۽ خطيب مقرر ٿيو، جتي هن ’مدرسه عربيه اڪبريه دارالقرآن‘ جو بنياد وڌو. هن معاشري مان غلط رسمن جي پاڙ پٽڻ لاءِ ميهڙ ۾ ’انجمن اصلاح رسومه‘ قائم ڪئي. ان کانسواءِ نوجوانن لاءِ ’ينگ مسلم ايسوسيئيشن‘ جو قيام عمل ۾ آندو ۽ مدرسي ۾ بالغن لاءِ نائيٽ اسڪول پڻ قائم ڪيو. ان سان گڏ هڪ لائبرري به قائم ڪئي، جنهن مان ميهڙ شهر وارن کي وڏو فائدو رسيو.
سيد علي اڪبر شاهه سياست ۾ به ڀرپور حصو ورتو، خلافت تحريڪ ۾ زور شور سان شرڪت ڪيائين. ميهڙ لاءِ خلافت جو ڪنوينر مقرر ٿيو. 1940ع ۾ مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. تحريڪ پاڪستان ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتائين. کيس انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر بڻايو ويو، جنهن ۾ مسلم ليگ جا وڏا ليڊر: لياقت علي خان، نواب بهادر يارجنگ ۽ علامه شبير احمد عثماني پڻ شامل هئا. بعد ۾ کيس سنڌ مسلم ليگ جو صدر بڻايو ويو. مسلم ليگ جي پليٽفارم تان 1945ع ۾ اليڪشن وڙهيو. سندس حمايت ۾ جواهرلعل نهرو اچي علائقي جو دورو ڪيو ۽ سندس ورڪ ڪئي، پر شاهه صاحب کيس زبردست شڪست ڏني. ان اليڪشن ۾ پوري برصغير ۾ وڌ ۾ وڌ ووٽ سيد علي اڪبر شاهه کي مليا.
47-1946ع ۾ سيد علي اڪبر شاهه سموري برصغير جا دورا ڪيا ۽ قائداعظم سان گڏجي ڪم ڪيو. جڏهن پاڻ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو ته کيس هڪ هزار روپيا وظيفو ملندو هو، جهن مان چار سئو روپيه غريب شاگردن ۾ ورهائيندو هو ۽ ٽي سئو روپيا تاج ڪمپنيءَ کي قرآن مجيد جي ڇپائيءَ لاءِ ڏيندو هو. باقي ٽي سو روپيه پنهنجي ذاتي خرچ لاءِ رکندو هو. اسيمبلي ميمبر هجڻ دوران هن تعليمي، اصلاحي ۽ غريبن لاءِ ڀلائيءَ جا ڪيترا بل پاس ڪرايا. پاڻ سنڌ يونيورسٽي سئنڊيڪيٽ جو ميمبر ۽ اسلامي شعبي جو پهريون اعزازي سربراهه رهيو. عربي ٻوليءَ کي فروغ ڏيڻ لاءِ حيدرآباد ۾ تلڪ چاڙهيءَ وٽ عاليشان ادارو ’جامعه عربيه‘ جو بنياد وڌائين، جيڪو اڄ به هاءِ اسڪول جي صورت ۾ قائم آهي. هر سال ٻه درجا پاس ڪيا ويندا هئا ۽ ٽن سالن ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ويندي هئي. سيد علي اڪبر شاهه ’آل پاڪستان ايجوڪيشن ڪانفرنس‘ جو اهتمام ڪيو. 1940ع ۾ حيدرآباد ۾ ’آل سنڌ عربي ايجوڪيشن ڪانفرنس‘ ڪوٺايائين. ڪراچي ’دارالاشاعت ۽ دارالطباعت‘ قائم ڪيائين. شاهه صاحب شعله بيان مقرر هو. سندس تقرير ۾ وڏو اثر هوندو هو. هڪ ڀيري مسجد جي تعمير لاءِ تقرير دوران هڪ شخص (آخوند عبداللطيف) هڪ لک روپيه عطيو ڏنو. قائداعظم سندس تقرير کي ڏاڍو پسند ڪندو هو.
شاهه صاحب سڄي زندگي زهد، تقويٰ ۽ انڪساريءَ ۾ گذاري. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ شاهه صاحب جي سڄي زندگي تبليغ ۽ ديني خدمتن ۾ گذري. هن ڪيترن مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنس ۾ صدارت ڪئي. پاڻ شاعري به ڪندو هو.
سيد علي اڪبر شاهه 22 جون 1971ع تي وفات ڪئي. هن فقير طبع انسان وفات وقت پويان ڪا به ذاتي ملڪيت نه ڇڏي هئي.


لفظ سيد علي اڪبر شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1901.02.02  عيسوي

سيد علي اڪبر شاهه، 2 فبروري 1901ع تي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾، سيد احمد شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو.


1971.06.22  عيسوي

سيد علي اڪبر شاهه 22 جون 1971ع تي وفات ڪئي. هن فقير طبع انسان وفات وقت پويان ڪا به ذاتي ملڪيت نه ڇڏي هئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الهبچايو مرڻاس
الهه بخش شاهه بخاري
شيوڪرام عطارد ٺٽوي
ممتاز علي ڀنڊ
جيلاني شيخ عبدالقادر
شاهه اسماعيل صوفي ٺٽوي
بشير احمد شاد ڊاڪٽر
ضمير گهمرو بئريسٽر
الهه رکيو ڳورڙ
عبداللطيف بنگلزئي حاجي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون